ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪراچي طلب، ڌاڙيلن خلاف نتيجا خيز آپريشن جو فيصلو

ڪراچي: آء جي سنڌ مشتاق مھر ڊي آء جي لاڙڪاڻو مظھر نواز شيخ ۽ ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو کي ڪراچي گھرائي ورتو آهي. نوان مقرر ٿيل ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي ملاقات لاء ڪراچي پھچي ويا آهن. گڏجاڻي ۾ آپريشن جي حوالي سان اھم فيصلا ٿيڻ، آفيسرن کي مڪمل فري ھينڊ ڏيڻ جو ھدايتون جاري ٿينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت پاران ڪچي ۾ آپريشن بابت ٿيل ملاقاتن بعد سھولتن جي باري ۾ پڻ ويچار ٿيندو. ڪچي ۾ آپريشن لاء وفاقي حڪومت جديد هٿيار فراھم ڪندي. شڪارپور آپريشن ۾ 3 کان وڌيڪ ڊبل چادر واريون محفوظ اي پي سي به شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اي پي سي ٽيڪسلا مان روانيون ٿي چڪيون آهن جيڪي ٻن ڏينھن بعد آپريشن واري ھنڌ پھچنديون. ذريعن موجب آء جي سنڌ شڪارپور ، ڪشمور ، سکر ، گھوٽڪي ضلعن ۾ نتيجا خيز آپريشن جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔