سڄي ملڪ ۾ اڄ يوم تڪبير ملهايو پيو وڃي

سڄي ملڪ ۾ اڄ يوم تڪبير ملهايو پيو وڃي ، اڄ کان 23 سال اڳ 28 مئي تي پاڪستان ڀارتي ائٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ پنهنجي ائٽمي طاقت جو مظاهرو ڪيو هو .

مئي 1998 تي پاڪستان بلوچستان جي علائقي چاغي ۾ ڌماڪن وسيلي ڀارت جي ائٽمي ڌماڪن جو جواب ڏنو هو .

ائٽمي ڌماڪن کانپوءِ پاڪستان مسلم دنيا جي پهرين ۽ دنيا جي ستين ائٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو ۽ ان ئي ڏينهن کي ”يوم تڪبير“ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.

 پاڪستان ائٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ اهڙا ڪيترائي ميزائل به ٺاهيا ۽ ڪامياب تجربا به ڪيا جيڪي ائٽمي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت به رکندا آهن.

پاڪستان ۽ هندستان پهريون ڀيرو 1998 ۾ 3 _3 هفتن جي وقفن سان ائٽمي هٿيارن جا تجربا ڪيا هئا .

پاڪستان جي نيوڪليئر سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير موجب پاڪستان  جي ائٽمي سائنسدانن سن 1984 ۾ ائٽمي بم تيار ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي هئي .

مئي 1998 ۾ جڏهن هندستان ائٽمي تجربا ڪيا ته پاڪستان لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه ته هو به ان جهڙا تجربا ڪري ۽ اهڙي ريت پاڪستان  به ائٽمي طاقتن جي قطار ۾ شامل ٿي ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔