پاڪستان جو مستقبل صنعتڪاري ۾ آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل صنعتڪاري ۾ آهي، ماڻهو حيران ٿي ويا آهن ته اسان جي معاشي ترقي 4 سيڪڙو تي ڪيئن ٿي وئي، وزيراعظم عمران خان رشڪئي ترجيحي خصوصي اڪنامڪ زون جي ڪمرشل لانچ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ چين آهي، اسان کي چين جي ترقي مان سکڻو پوندو، رشڪئي اقتصادي زون جي علائقن جي زمينون وڪرو نه ڪيون وڃن پر ليز تي ڏنيون وڃن، اسان کي ايڪسپورٽ تي ڌيان ڏيڻي پوندي، وزيراعظم عمران خان چيو ته جيئن جيئن معيشت وڌنڌي ماڻهو امپورٽس طرفان ويندا، ان کي روڪڻو آهي، پاڪستان جو مستقبل انڊسٽريلائزيشن ۾ آهي، اولهه جي انڊسٽريلائزيشن پراڻي طرز جيان آهي، قوم کي چوان ٿو ته سٺو وقت اچڻ وارو آهي، هن چيو ته صوبائي حڪومتون ۽ مرڪز سيڙپڪارن لاءِ آسانيون پيدا ڪري، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ سيڙپڪارن لاءِ سهولت فراهم نه ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ڏکئي وقت مان نڪري رهيا هئاسين ته ڪورونا جي چئلينج جو منهن ڏسڻو پيو، ڪورونا دورنا لاڪ ڊائون سان غريبن کي چيڀاٽي نه پيا سگهون، لاڪ ڊائون لڳايون ها ته اڄ ملڪ جي اهڙي صورتحال هجي جا جيڪا ڀارت جي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔