اسان تي ظلم پيا ٿين، حياتي کي خطرو آهي: ڊاڪٽر فهميده مرزا

اسلام آباد: وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه پئي ڪري، سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ ماڻهن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ ڪنهن به شاخ جي کاٽي نه ڪرائي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فهميده مرزا چيو ته اسان تي ظلم وڌي رهيا آهن، وفاقي وزير هوندي به چوان ٿي ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي. سنڌ ۾ 14 سالن کان حڪمراني هڪ سليڪٽيڊ حڪومت وٽ آهي، پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ تي منهنجي زمين تي حملا ڪيا وڃن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔