يوم تڪبير: 23 سال اڄوڪي ڏهاڙي تي پاڪستان خطي ۾ طاقت جو توازن بحال ڪيو :آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر بابر افتخار چيو آهي ته اڄوڪي ڏهاڙي تي پاڪستان خطي ۾ طاقت جو توازن بحال ڪيو .

يوم تڪبير تي ڊي جي آءِ ايس پي آر بابر افتخار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان 23 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي پنهنجي ائٽمي طاقت جو مظاهرو ڪيو هو .

هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ قوم ان خواب کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ شامل مڙني ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪن ٿا.

واضح رهي ته پاڙيسري ملڪ ڀارت 1974 ۾ائٽمي ڌماڪا ڪري خطي ۾ ائٽمي هٿيارن جي ڊوڙ شروع ڪري چڪو هو ، جنهن 1998 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌماڪا ڪيا ته جيئن پاڪستان تي دٻاءُ وجهي سگهي جنهن جي جواب ۾ پاڪستان به 28 مئي 1998 تي بلوچستان جي صوبي چاغي جي جاءِ تي 5 ڪامياب ائٽمي ڌماڪا ڪري ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔