پنجاب پاران سنڌ مٿان پاڻي جي انگن اکرن ۾ هيرڦير جو الزام

لاهور: پنجاب جي آبپاشي واري وزير سنڌ مٿان پاڻي جي انگن اکرن ۾ هير ڦير جو الزام مڙهي ڇڏيو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي آبپاشي وزير محسن لغاري چيو ته ڪرڪيٽ جيان پاڻي جي مسئلي تي به نيوٽرل امپائر هجڻ گهرجي، پنجاب ۾ داخل ۽ ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي جا انگ اکر رڪارڊ ڪيا وڃن، گڊو کان ڪوٽڙيءَ تائين به پاڻي جي استعمال جو ڪاٿو لڳايو وڃي ته حقيقت سامهون اچي ويندي، هن چيو ته سنڌ وارا پاڻي جا انگ اکر گهٽ ڏيکاري رهيا آهن، سنڌ ۾ پاڻي مامري تي بي اعتمادي جي فضا ختم ڪرڻ گهرون ٿا، ارسا جو ڪم موجوده پاڻي جي ورڇ ڪرڻ آهي، پاڻي مسئلي تي اڻ ڌُريو امپائر مقرر ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔