پاڪستان ۾ تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين استعمال ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

اسلام آباد: پاڪستان ۾ تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جي عام استعمال جي اجازت ملي وئي. پاڪ ويڪ ڪورونا ويڪسين عام استعمال لاءِ ايندڙ هفتي دستياب هوندي.تفصيل موجب پاڪستان ۾ تيار ڪيل پاڪ ويڪ ڪورونا ويڪسين کي لاٽ ريليز سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان صحت واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پاران تيار ڪيل پاڪ ويڪ کي سرٽيفڪيٽ ڊريپ جي اين سي ايل بي جاري ڪيو ۽ نيشنل ڪنٽرول ليب فاربائيولوجيڪل پاڪ ويڪ ويڪسين جي جاچ ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ ويڪ ڪورونا ويڪسين عام استعمال لاءِ ايندڙ هفتي کان دستياب هوندي پاڪستان ۾ ڪورونا ويڪسين پاڪ ويڪ جي نالي سان ملي سگهندي. صحت واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ ويڪ پاڪستان، ڪين سائنو ۽ ملٽي نيشنل ڪمپني جي گڏيل ڪاوش آهي. پهرين فيز ۾ پاڪ ويڪ جا 1 لک 24 ڊوز تيار ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب ڊريپ ان کان اڳ اين آءِ ايڇ ۾ پاڪ ويڪ ويڪسين جو ٽيسٽ ڪيو هو. اين آءِ ايڇ جي ٽيسٽ ۾ پاڪ ويڪ ويڪسين محفوظ ۽ بهتر قرار ڏني وئي هئي. صحت واري وزارت جي ذريعن وڌيڪ چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين چيني ٽيم جي نگراني هيٺ پاڪستاني ماهرن تيار ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔