ايميزون(ايم جي ايم) اسٽوڊيو خريد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آن لائن شاپنگ جي وڏي ڪمپني ايميزون هالي ووڊ(ايم جي ايم) فلم ۽ اسٽوڊيو کي خريد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ايميزون ايم جي ايم اسٽوڊيو ۽ ان جي گذريل 35 سالن ۾ ٺاهيل 4 هزار فلمون ۽ 7 هزار کان وڌيڪ شوز کي ساڍا 8 ارب ڊالر کان وڌيڪ ۾ خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ مشهور فلمون، جيمز بانڊ ۽ دي هيبٽ به شامل آهن. ان خريداري جو بنيادي مقصد ايميزون جي وڊيوز اسٽريمنگ سروس پرائم تي ناظرين جي لاءِ وڌ کان وڌ نئون تفريحي مواد پيش ڪرڻ آهي ۽ اها ايميزون جي ٻئي وڏي خريداري آهي.ان کان اڳ 2017 ۾ ايميزون آمريڪا جو هڪ هول فوڊ گروسري اسٽور 14 ارب ڊالرن ۾ خريد ڪيو هو. ايميزون طرفان ايم جي ايم اسٽوڊيوز کي خريد ڪرڻ جي خبر تازو ئي ميڊيا انڊسٽري مان ايندڙ ٻئي وڏي خبر آهي جنهن جو مقصد نيٽ فلڪس ۽ ڊرٽي پلس جي وڌندڙ مشهوري جو مقابلو ڪرڻ آهي. ايميزون به ان ڳالهه جو اعلان ناهي ڪيو ته ڪيترا ماڻهو ان جي پرائم وڊيو اسٽريمنگ سروس ڏسندا آهن. پر هڪ اندازي موجب اهو انگ 20 ڪروڙ ٿي سگهي ٿو ڇو ته ايميزون پرائم ميمبر شپ وٺندڙن کي گهٽ وقت ۾ شپنگ۽ وڊيو اسٽريمنگ جي سهوليت ڏيندو آهي.ايميزون چيو آهي ته هو ايم جي ايم جي وسيع لائبريري جو استعمال ڪندو جنهن ۾ هالي ووڊ جون مشهور فلمون راڪي، رابو ڪوپ ۽ پنڪ پينتهر شامل آهن ۽ انهن کي نيون فلمون ۽ شو ٺاهڻ جي لاءِ استعمال ڪندو. ياد رهي ته گجگوڙ ڪندڙ شينهن جي نشان سان گڏ مشهور(ايم جي ايم) هالي ووڊ جو سڀني کان قديمي اسٽوڊيو مان هڪ آهي جيڪو 1924ع ۾ قائم ٿيو هو جڏهن خاموش فلمون ٺهنديون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔