نسيم شاهه کي پي ايس ايل ۾ واپسيءَ جو رستو ملي ويو

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اختيارين پنهنجي فيصلي تي يوٽرن وٺندي فاسٽ بالر نسيم شاهه کي واپس بائيو سيڪيور ببل ۾ داخلا جي اجازت ڏئي ڇڏي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آن لائن اجلاس ۾ فرنچائز جي مطالبي تي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي فاسٽ بالر نسيم شاهه کي واپس بائيو سيڪيور ببل ۾ داخلا جي اجازت ڏني.
نسيم شاهه کي پري ارائيول ڪووڊ 19 ٽيسٽ کانپوءِ ٻيهر آئسوليشن موڪليو ويندو، بائيو سيڪيور ببل جا پروٽوڪول مڪمل ڪرڻ تي هو پاڪستان مان اڏام ڪندڙ ٽين چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي ابوظهبي روانگي جو اهل هوندو.
پاڪستان ۾ بائيو سيڪيور پروٽوڪولز موجب هڪ پري ارائيول ٽيسٽ، هوٽل ۾ آئسوليشن ۽ 2 ريپيٽ ٽيسٽون شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔