ڀارتي پوليس ماسڪ نه پائيندڙ نوجوان جي هٿن ۽ پيرن ۾ ڪوڪا ٺوڪي ڇڏيا

نئين دهلي: ڀارت جي رياست اترپرديش ۾ پوليس هڪ نوجوان کي فيس ماسڪ نه پائڻ تي انتهائي ايذائيندڙ سزا ڏئي ڇڏي.ڀارتي ميديا جي رپورٽن موجب سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس ماسڪ نه پائيندڙ هڪ نوجوان جي هٿن ۽ پيرن تي ڪوڪا ٺوڪي ڇڏيا. نوجوان جي ماءُ پوليس تي الزام هنيو آهي ته هنن ماسڪ نه پائڻ تي ان جي پٽ کي سخت تشدد جو نسانو بنايو ۽ ان جي هٿن ۽ پيرن تي ڪوڪا ٺوڪي ڇڏيا.ٻئي طرف يو پي پوليس ان معاملي تي ڪوبه بيان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته گذريل مهيني به ڀارت جي رياست مدهيا پرديش ۾ پوليس جي ٻن اهلڪارن روڊ تي هڪ نوجوان کي سخت تشدد جو نشانو بنايو جنهن سبب هو ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسپتال ۾ داخل رهيو.ياد رهي ته ڀارت ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر جي شدت برقرار آهي ۽ روزاني 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔