نائجيريا ۾ ٻيڙي حادثو، 150 کان وڌيڪ ماڻهو مرڻ جو خدشو

ابوجا : نائجيريا جي اتر اولهه حصي ۾ هڪ ٻيڙي حادثي جي نتيجي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي.
اختيارين موجب ڪاٺ سان ٺهيل اها ٻيڙي ملڪ جي وچ رياست نائجر کان اتر اولهه رياست ڪيبي وڃي رهي هئي ۽ ان تي 180 مسافر سوار هئا.
حادثي ۾ ٻڏي ويلن مان رڳو 20 ڄڻن کي بچايو ويو آهي، جڏهن ته 4 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔