فلم انڊسٽري ۾ وقت تي مردن جي نيت جو احساس ٿي ويندو هو: نينا گپتا

ممبئي: بالي ووڊ انڊسٽري جون ڪيتريون ئي اداڪارائون انڊسٽري ۾ پيش ايندڙ ناخوشگوار واقعن تي ڳالهيون ڪري چڪيون آهن ۽ هاڻ ان حوالي سان سينئر بالي ووڊ جي اداڪاره نينا گپتا به هڪ انڪشاف ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهين دوران نينا گپتا کان سوال ڪيو ويو ته اوهان کي ڪڏهن فلم انڊسٽري ۾ ڪنهن اڻوڻندڙ تجربي کي منهن ڏيڻو پيو آهي؟ ان تي اداڪاره چيو ته مون کي وقت تي مردن جي نيت جو احساس ٿي ويندو هو جنهن سبب فلم انڊسٽري ۾ اڻوڻندڙ تجربن کان محفوظ رهيس.ڀارتي ميڊيا پاران ڪيل سوال ته ڇا ڪڏهن ڪنهن مرد اوهان جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ان تي اداڪاره جواب ڏنو ته جي ها ائين ٿيو آهي.پر مون کي جلد ئي ان جي ارادن جي خبر پئجي ويندي هئي ڪوبه شخص ان وقت تائين اوهان کي پنهنجي سواري ۾ نٿو ويهاري سگهي جيستائين اوهان پاڻ سواري ۾ نه ويهڻ چاهيو. ياد رهي ته اداڪاره نينا گپتا 80 جي ڏهاڪي ۾ بالي ووڊ انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارائن مان هڪ رهي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔