يورپي يونين ڪورونا ويڪسين ٺاهيندڙ ڪمپني آسٽرازينيڪا تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

برسلز : يورپي يونين ڪورونا ويڪسين تيار ڪندڙ ڪمپني آسٽرازينيڪا تي طئي ٿيل معاهدي جي ابتڙ ٻين ملڪن کي ويڪسين جي فراهمي ۾ اوليت ڏيڻ جي الزام ۾ ان خلاف يورپي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
يورپي بلاڪ ان برطانوي سويڊش ڪمپني تي الزام هنيو آهي ته ان برطانيا ۽ ٻين ملڪن کي ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ يورپي يونين کي ويڪسين جي فراهمي ۾ دير ڪئي.
معاهدي تحت آسٽرازينيڪا کي 2021 دوران 300 ملين ٽُڪا فراهم ڪرڻا هئا، جن ۾ 100 ملين جي واڌ به ممڪن آهي پر سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ رڳو 30 ملين ٽُڪا فراهم ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔