مالي ۾ فوجي بغاوت جي قائد صدر ۽ وزيراعظم کي برطرف ڪري ڇڏيو

بماڪو : مالي ۾ فوجي بغاوت جي قائد اسيمي غويتا گذريل سال قائم ڪيل عبوري حڪومت جي صدر ۽ وزيراعظم کي برطرف ڪري ڇڏيو.
غويتا ان قدم جو سبب نئين حڪومت ۾ وزيرن جي شموليت جي حوالي سان ساڻس ڪو صلاح مشورو نه ڪرڻ ٻڌايو آهي.
سندس موجب اها عبوري حڪومت جي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي.
گذريل سال فوجي بغاوت کانپوءِ اهو معاهدو فوج تيار ڪيو هو، جنهن ۾ مالي ۾ سويلين حڪومت جي واپسي جي حوالي سان ضابطا طئي ڪيا ويا هئا.
ڪابينا ۾ تبديلي کانپوءِ گذريل ڏينهن عبوري صدر ۽ وزيراعظم کي گرفتار به ڪيو ويو هو، جنهن جي عالمي برادري مذمت ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔