واٽس ايپ ڀارتي حڪومت جي خلاف دهلي هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

نئين دهلي: سماجي رابطن جي ايپليڪيشن واٽس ايپ نئين انٽرنيٽ پاليسي تي مودي سرڪار جي خلاف نئين دهلي هاءِ ڪورٽ پهچي ويو.واٽس ايپ انتظاميه موقف اختيار ڪيو آهي ته نوان قانون واٽس ايپ جي پرائيويسي خلاف آهن حڪومت جي ان فيصلي سان ماڻهن جي رازداري ختم ٿي ويندي. اظهار جي آزادي جي دعويدار مودي حڪومت پنهنجي مٿان ٿيندڙ تنقيد کي چيڀاٽڻ ۽ مخالفن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جي لاءِ سوشل ميڊيا بابت نوان سخت قانون اڄ کان لاڳو ڪري ڇڏيا آهن.ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ڀارتي پوليس ٽوئٽر جي آفيس تي ڇاپو به هنيو هو. مودي حڪومت ٽوئٽر تي مخالفن جا اڪائونٽ بند ڪرائڻ چاهي ٿي. پر ٽوئٽر انتظاميه ان جي خلاف مزاحمت ڪري رهي آهي. ڀارت ۾ هاڻ واٽس ايپ تي به پابنديون لڳائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. مودي حڪومت نوان ڊيجيٽل اصول متعارف ڪرايا آهن جنهن جي تحت واٽس ايپ کي حڪومت کي لازمي اهو ٻڌائڻو پوندو ته ڪو به ميسيج(پيغام) سڀني کان پهريان ڪنهن موبائيل تان موڪليو ويو آهي.واٽس ايپ دهلي هاءِ ڪورٽ ۾ مودي حڪومت جي خلاف داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نوان قانون صارفين جي ذاتي ڳالهه ٻولهه جي تحفظ جي ڀڃڪڙي ۽ ڀارتي آئين جا تڪراري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔