ڪورونا جي حقيقت جو احساس ان وقت ٿيندو آهي جڏهن پنهنجو وڇڙي ويندو آهي: بشريٰ انصاري

لاهور: پاڪستان جي مشهور سينئر اداڪاره بشريٰ انصاري پنهنجي ڀيڻ ۽ اداڪاره سنبل شاهد جي لاڏاڻي کان پوءِ مداحن جي لاءِ پهريون وڊيو پيغام شيئر ڪري ڇڏيو.انسٽاگرام تي شيئر ڪيل وڊيو پيغام ۾ بشريٰ انصاري اداس لهجي ۾ مداحن کي مخاطب ٿيندي چئي رهي آهي ته اوهان سڀني کي خبر آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مون پنهنجي ڀيڻ سنبل کي وڃايو آهي. اداڪاره موجب اسان کي ڪورونا جي باري ۾ غلط ڄاڻ ڏني ويندي آهي پر ان جي حقيقت جو اندازو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اوهان جو ڪو پنهنجو سخت تڪليف برداشت ڪرڻ کان پوءِ هي جهان ڇڏي ويندو آهي.هن چيو ته ڀيڻ ڀاءُ سڀني کي پيارا هوندا آهن ۽ ڀينرن جي محبت ۽ تعلق جو ته ڪو ثاني ناهي هوندو. اسان چئن ڀينرن جي پاڻ ۾ محبت هئي. اداڪاره پنهنجي پيغام ۾ سنبل شاهد جي علاج دوران مداحن طرفان ملندڙ تعاون ۽ محبت تي انهن جو ٿورو ادا ڪيو.ياد رهي ته هلندڙ مهيني ڊگهي وقت کان عالمي وبا ڪورونا جو مقابلو ڪندڙ پاڪستان جي مشهور اداڪاره سنبل شاهد لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔