ڏهرڪي لڳ سنڌ ايندڙ پاڻي پنجاب چوري ٿيڻ جو انڪشاف

ڏهرڪي: ڏهرڪي لڳ سيهڙ واهه مان ايريگيشن عملدارن ۽ پوليس جي مبينا ڳٺ جوڙ بعد سيهڙ واهه جي چانڊيا موري وٽان لفٽ مشينن ذريعي پاڻي چوري ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. سيهڙ واهه ۾ چانڊيا موري وٽان 20 کان وڌيڪ لفٽ مشينون لڳائي پنجاب ڏانهن پاڻي چوري ٿيڻ لڳو آهي، ان حوالي سان آبادگار اڳواڻ فاروق شر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پڇڙي واري آبادگارن ڏانهن پاڻي جو ڦڙو نه پهتو آهي، اسان دانهون ڪري ٿڪجي پيا آھيون اسان جون زمينون غير آباد ٿيل آھن پر اسان جي سيهڙ واه جو پاڻي چوري ڪري پنجاب جون زمينون آباد ڪيون وڃن ٿيون، هنن چيو ته جيڪو پاڻي اچي ٿو اهو لفٽ مشينن ذريعي چوري ڪيو وڃي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔