گورنر، وڏي وزير ۽ ادارن سان ملي رپورٽ وزيراعظم کي ڏيندس: شيخ رشيد

ڪراچي: وفاقي گهرو وزير ڪراچي پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته امن امان بابت گورنر، وڏي وزير، رينجرز، ايف سي ۽ حساس ادارن سان ڳالهائي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪندس. شيخ رشيد چيو ته امن امان صوبائي مسئلو آهي پر جتي به صوبن کي ضرورت هوندي وفاقي حڪومت مدد ڪندي. شيخ رشيد چيو ته سنڌ ۾ ڪوبه گورنر راڄ نه پيو لڳي، نادرا ۾ شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي حوالي سان تمام گهڻي غير ذميواري ڪئي وئي، جنهن بابت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ڪنهن کي ڇري جي بندوق جو به لائسنس نه ملندو، ڪراچي مان منشيات جو خاتمو ڪبو. هن چيو ته سڀني اسٽيڪ هولڊرس سان ملاقات ڪرڻ بعد سڀاڻي پريس ڪانفرنس ڪندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔