شھباز جي بيان کي نواز ليگ جي پاليسي سمجھون ٿا:بلاول ڀٽو

ماتلي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ مريم نواز يا نواز شريف جي اڳيان جوابده ناهيون، شهباز شريف نواز ليگ جو صدر آهي، سندس بيانيي کي نواز ليگ جي پاليسي سمجهون ٿا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مريم نواز جي بيان کي نواز ليگ جي پاليسي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مون شوڪاز نوٽيس ڦاڙهيو هو، اڃا به پنهنجي موقف تي قائم آهيان، اسان عزت جي سياست ڪريون ٿا، اپوزيشن جي دوستن کي حڪومت جي مخالفت ڪرڻ بدران پ پ سان مقابلو ڪرڻ جو شوق آهي، اُهي پنهنجو شوق پورو ڪن، ماتلي جي دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 91ع وارو معاهدو اسان تي مڙهيو ويو، پوءِ به اُن تي عمل نٿو ٿئي، سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريون ٿا ته وفاق ۾ پروپئگنڊا شروع ٿي وڃي ٿي، اتفاق راءِ سان نئين پاڻي معاهدي جي ضرورت آهي ته جيئن سڀني کي انصاف سان پاڻي ملي، پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو زرداري طرفان آبپاشي کاتي جي وزير سهيل انور سيال کي ماتلي ۾ پاڻي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔