آمريڪا جو فلسطينين لاءِ مالي امداد ۽ يروشلم ۾ پنهنجو قونصل خانو کولڻ جو اعلان

واشنگٽن : آمريڪا فلسطينين لاءِ مالي امداد ۽ يروشلم ۾ پنهنجو قونصل خانو کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن موجب آمريڪا فلسطينين سان پنهنجي لاڳاپن جي بحالي لاءِ يروشلم ۾ ٻيهر پنهنجو قونصل خانو کوليندو، گڏوگڏ جنگ سبب تباهه ٿيندڙ غزا ۾ نئين سر تعمير لاءِ ڪيترائي ملين ڊالر امداد به فراهم ڪئي ويندي.
اهو اعلان اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسي جي خاتمي جي علامت آهي، جنهن نه رڳو فلسطينين لاءِ سفارتي مشن کي 2019 ۾ بند ڪري ڇڏيو هو پر فلسطيني اٿارٽي لاءِ آمريڪي امداد به روڪي ڇڏي هئي.
انٽوني بلنڪن رمله ۾ فلسطيني اٿارٽي جي صدر محمود عباس سان ملاقات ۾ ٻه رياستون قائم ڪرڻ کي ئي وچ اوڀر تڪرار جو حل قرار ڏنو.
واضح رهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير وچ اوڀر جي دوري تي آهي ۽ اسرائيل ۽ فلسطيني علائقن کانپوءِ هاڻ مصر پهچي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔