پي ايس ايل لاءِ ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقي آفيشلز، براڊ ڪاسٽرز ۽ رانديگرن جون ويزائون جاري

لاهور : پاڪستان سپر ليگ 6 لاءِ ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا جي براڊ ڪاسٽرز، آفيشلز ۽ پليئرز جون ويزائون جاري ڪيون ويون آهن.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل تازي ترين بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت مان ابوظهبي لاءِ سفر ڪندڙ سمورن 25 ڄڻن جون ويزائون جاري ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا مان ابوظهبي لاءِ سفر ڪندڙ مجموعي طور 27 مان 26 ڄڻن کي ويزائون جاري ٿيون آهن.
ڏکڻ آفريقا جو فاف ڊوپليسي، ڊيوڊ ملر، هرشل گبز، رائلي روسو، ڪيمرون ڊيلپورٽ، مائيڪل سمٿ جلد ابوظهبي لاءِ روانا ٿيندا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ميڊيا ڊائريڪٽر سميع برني خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا جي آفيشلز، سپورٽ اسٽاف براڊ ڪاسٽرز ۽ رانديگرن جون ويزائون جاري ٿي چڪيون آهن، پاڪستان ۾ موجود ڪجهه ماڻهن جون ويزائون اچڻ واريون آهن، جيئن ئي ويزائون آيون ته پي ايس ايل جو 233 ميمبرن تي ٻڌل اسڪواڊ گڏيل عرب امارتن ڏانهن روانو ڪيو ويندو.
هن چيو ته شيڊيول کان اڳ ڪجهه اهم شين کي ڏسڻو آهي، جنهن کانپوءِ شيڊيول جو اعلان ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔