عائزا خان مداحن کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي: سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ فالوئر رکندڙ من موهڻي اداڪارا عائزا خان ٽڪ ٽاڪ جي دنيا ۾ به قدم رکي ڇڏيو.
عائزا خان پنهنجي بهترين اداڪاريءَ سبب ڪروڙين ماڻهن جي دلين راڄ ڪري ٿي ۽ هاڻ چاهيندڙ کيس ٽي وي اسڪرين سميت ٽڪ ٽاڪ تي به ڏسي سگهندا.
عائزا خان پنهنجي مداحن کي اها خوشخبري انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ مختصر ٽڪ ٽاڪ ويڊيو شيئر ڪندي ڏني.
جاري ڪيل مختصر ويڊيو ۾ عائزا خان کي ”گيتي“ نالي جو هڪ لاڪيٽ پاتل آهي ۽ ڪيپٽن ۾ هن لکيو آهي ته ”گيتي پرنسز کي ٽڪ ٽاڪ تي فالو ڪيو“.
عائزا خان جي ان پوسٽ تي سندس ڪروڙين مداحن طرفان خوشي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔