نوجوان ڳل ڇڪڻ سبب سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع

لنڊن : برطانيا جو هڪ نوجوان پنهنجي کل کي حد کان وڌيڪ چڪي سگهڻ سبب سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو. جڏهن ته سندس نالو پڻ گنيز بڪ آف دي ورلڊ ريڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گيري ٽرنر نالي برطانوي نوجوان پنهنجي ڳل کي 6.25 انچن تائين ڇڪي سگهي ٿو جنهن کي هيلرز ڊنلوس سنڊروم چيو ويندو آهي، گيري ٽرنر چمڙي جي خرابي واري بيماري جو شڪار آهي جيڪا سندس چمڙي ۽ اندرين عضون کي متاثر ڪندي آهي. اها جسماني ٽشو جي بيماري آهي جنهنسان ڪوليجن خراب ٿي ويندو آهي ۽ ان ۾ چمڙي ۽ هائپر موبائل جوڙ شامل هوندو آهي، عام طور 50 ورهين جي ماڻهو جي چمڙي به ان حالت ڱي نٿي پهچي ان مرض کي گيري ٽرنر پريشاني جو سبب بڻائڻ بدران پنهنجي دلچسپي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي هو پنهنجي چمڙي کي مخلف اندازن ۾ ڇڪي وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکي ٿو جنهن سبب سندس لکن جي انگ ۾ فالوورز آهن جڏهن ته سندس نالو پڻ گنيز بڪ آف دي ورلڊ ريڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان گيري جو چوڻ آهي ته هو ان صورتحال مان ڀرپور لطف اندوز ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔