شيخ رشيد جي وڏي وزير سان ملاقات، ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ هر ممڪن مدد جي آڇ

ڪراچي:   وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات دوران صوبي ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو آهي.

وڏي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گهرو وزير شيخ رشيد سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي علي نواز به شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير گهرو وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان خطرناڪ ملڪن جي لسٽ ۾ ڇهين نمبر تي هو هاڻ 126 تي آهي. 2007 ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت گرينڊ آپريشن ڪري هاءِ ويز ڪليئر ڪرايو. ڪراچي ۾ به امن امان جي صورتحال ايتري خراب ٿي چڪي هئي جو نوگو ايريا بڻجي ويا هئا.

ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلن ۽ شهيد  اهلڪارن جي حوالي سان مراد علي شاهه چيو ته سموري سنڌ گڊو کان ڪوٽڙي بيراج تائين ڪچو ايريا آهي صرف 5-6 ڪلو ميٽر گهاٽو جهنگ آهي. ڪشمور بارڊر جو شهر آهي. پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ جي بارڊرز کي پاڻ ۾ ملائيندو آهي. جهنگ ۾ ڏوهاري ماڻهو درياءَ ۾ پاڻي ايندي ئي رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. 23 مئي تي پوليس اٺ مغوين کي شڪارپور جي ڪچي مان بازياب ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو. ڌاڙيلن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. سنڌ جي وڏي وزير شيخ رشيد سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اوهان گهرو وزير آهيو، اوهان جڏهن به چاهيو هليا اچو اسان گڏجي ڪم ڪنداسين. اوهان جي سنڌ ۾ اچڻ تي آجيان ڪريون ٿا.

گهرو وزير شيخ رشيد سنڌ جي وڏي وزير کي چيو ته اوهان کي ڪنهن به شيءَ جي ضرورت پوي ته گهرو وزارت اها اوهان کي مهيا ڪندي. رينجرز حاضر آهي. جڏهن چاهيو سنڌ حڪومت ان جون آپريشن دوران خدمتون وٺي سگهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير گهرو وزير کي چيو ته ڪجهه حساس سامان گهرجي. ان جو بندوبست سنڌ حڪومت ڪري رهي آهي. سامان کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت مدد ڪري. اسان جلد ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جو صفايو ڪنداسين.

شيخ رشيد جواب ڏنو ته امن امان سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. سنڌ حڪومت کي جيڪو گهرجي اسان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڌاڙيلن جي خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔