ڪورونا ويڪسين: ٽيهن کان اوڻيتاليهه سالن وارن ماڻهن جي رجسٽريشن سورنهن مئي کان شروع ٿيندي

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين لڳائڻ لاءِ رجسٽريشن جو ٻيو مرحلو 16 مئي کان شروع ٿيندو.رجسٽريشن جي ايندڙ مرحلي ۾ 30 کان 39 سالن تائين عمر جي عورتن ۽ مردن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي. وفاقي وزير اسد عمر ٽوئٽ ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ويڪسين جي سپلاءِ بهتر ٿي آهي.پاڪستان ۾ 27 اپريل کان ڪورونا ويڪسينيشن لاءِ رجسٽريشن جي شروعات ٿي وئي هئي. گذريل ڏينهن اسد عمر ٽويٽ ڪيو ته 12 مئي کان سمورن 40 کان وڌيڪ عمر وارن رجسٽرڊ ماڻهو ڪنهن به ويڪسينيشن سينٽر ۾ وڃي ويڪسين لڳرائي سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔