ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جيان حڪمرانن نااهلي جا به سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن: شهباز شريف

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته  ملڪ ۾ نااهلي جي انتها ٿي وئي آهي. وڌندڙ مهانگائي جيان ملڪ جي حڪمرانن به نااهلي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف سان پارٽي ميمبرن پارليامان، ٽڪيٽ هولڊرز ۽ بلدياتي نمائندن لاهور ۾ ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي شهباز شريف  چيو ته حڪومت گهٽ آمدني ۽ نادار طبقي جي زندگي جهنم بنائي ڇڏي آهي. ملڪ ۾ مهانگائي خاص طور تي  عام واهپي وارين شين ۾  تمام گهڻي واڌ ٿي رهي آهي.

هن چيو ته مهانگائي جيان حڪمرانن جي بي حسي به تاريخ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. هن چيو ته جيستائين ملڪ ۾ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رليف نه ملندو تيستائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔