زمبابوي خلاف سيريز جي فاتح پاڪستاني ٽيم هراري کان لاهور پهچي وئي

لاهور:زمبابوي خلاف سيريز جي فاتح پاڪستاني ٽيم هراري کان لاهور پهچي وئي آهي.
لاهور کان پي آءِ اي جو خاص جهاز ٽيم لاءِ موڪليو ويو، آل رائونڊر محمد نواز ۽ فزيو ڪلف ڊيڪن ٽيم سان نه آيو،ٻئي ڄڻا هراري کان ڏکڻ آفريقا ويندا جتي هو پنهنجي فيملي سان وقت گذاريندا.
پاڪستاني ٽيم زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ٽيم جي ترجمان موجب سمورا رانديگر بائيو ببل جو حصو رهيا ۽ هر چئن ڏينهن کانپوءِ هنن جا ڪووڊ ٽيسٽ ٿيندا رهيا، سمورا ڄڻا گهر ۾ ئي ڪجهه ڏينهن تائين قرنطينه هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔