خاموشي سان ماڻهن جي مدد ڪرڻ تي اداڪارا ٽوئنڪل کنه پاران ساٿي اداڪارن جي تعريف

ممبئي: ضرورتمند ماڻهن جي خاموشي سان مدد ڪرڻ تي اداڪاره ٽوئنڪل کنه وديا بالن ۽ ريتڪ روشن جي تعريف ڪئي.
ڀارت ۾ وبائي مرض ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ مريضن جو انگ وڌيڪ ۽ وسيلا گهٽ آهن.
سنگين صورتحال کي نظر ۾ رکندي مشهور ڀارتي شخصيتون به پنهنجون خدمتون پيش ڪري رهيون آهن، ان ڏس ۾ اڪشي ڪما ر جي زال ٽوئنڪل کنه سندس تصديق ٿيل انسٽاگرام اڪائونٽ ذريعي خاموشي سان ماڻهن جي مدد ڪندڙ ساٿي اداڪارن لاءِ پوسٽ شيئر ڪئي آهي.
هن ريتڪ روشن جي تصوير تي ڪيپشن لکيو ته هنن مشڪل حالتن ۾ ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ هنن حالتن ۾ ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ واقعي تعريف جوڳو عمل آهي.
جڏهن ته وديا بالن جي تصوير تي سندس تعريف ڪندي لکيو ته بي پناهه ٽيلينٽ جي مالڪ جڏهن ته دل ان کان به وسيع ڇو ته توهان ڳجهه ڳوهه ۾ ماڻهن جي مدد ڪري رهيا آهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔