فلم”راڌي“ سلمان خان کي معافي وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

ممبئي:صحافين سان آن لائن ڳالهائيندي دبنگ اداڪار سلمان خان چيو آهي ته هن وقت ڀارت سميت پوري دنيا شديد مشڪلات جو شڪار آهي، اهڙي وقت ۾ فلم”راڌي“ کي رليز ڪرڻ جو مقصد ماڻهن جي زندگي ۾ خوشيون آڻڻ آهي ته جيئن ڪجهه وقت لاءِ ئي سهي ماڻهو پنهنجو ڏک وسارين، نه ته هن وقت تمام وڏن اداڪارن جون فلمون رڪيل آهن ۽ هو ڪنهن سٺي وقت جو انتظار ڪري رهيا آهن.
سلمان خان وڌيڪ چيو ته مونکي ان ڳالهه جو چڱيءَ طرح اندازو آهي ته باڪس آفيس تي هن فلم جي ڪمائي ٻڙي هوندي ۽ منهنجي هيءَ فلم ڪمائي جي حساب سان ناڪام ترين فلم هوندي ڇو ته هيءَ فلم محدود سينيمائن ۾ ڏيکاري ويندي جڏهن ته پرڏيهه ۾ به ڪجهه سينيمائن جي پردي تي ڏٺي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔