حڪومت پاران حديبيه پيپر ملز ڪيس جي ٻيهر جاچ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت حديبيه پيپرز ملز ڪيس جي ٻيهر جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ جاچ کي ٻيهر کولڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون ڏئي رهيا آهيون ، حديبيا ڪيس شريف خاندان ۾ ڪرپشن جو سڀ کان اهم ذريعو آهي،هن ڪيس ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف اهم جوابدار آهن. هن چيو ته حديبيا مان پيسا ٻاهر موڪلڻ جو جيڪو طريقو استعمال ڪيو ويو اهو بعد ۾ هر ڪيس ۾ اختيار ڪيو ويو، هن ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ تمام ضروري آهي. فواد چوڌري چيو ته قانوني ٽيم اڄ وزيراعظم کي شهباز شريف جي ڪيسن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ، حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته حديبيا پيپر ملز ڪيس ۾ نئين جاچ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔