آرمي چيف جي ڪابل ۾ افغان صدر اشرف غني سان ملاقات، امن عمل تي ڳالهيون

رالپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪابل جي هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي آهي. انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز موجب آرمي چيف ڪابل ۾ افغان صدر سان ملاقات ڪئي، ان دوران برطانوي چيف آف ڊيفنس اسٽاف جنرل نڪولس پيٽرڪ به موجود هو. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي، افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف جو چوڻ هو ته پرامن افغانستان جو مطلب پرامن خطرو، خاص ڪري پرامن پاڪستان آهي، پاڪستان هميشه افغانين جي قيادت ۾ افغان مفاهمتي عمل جي حمايت ڪندو رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔