حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ مهانگائي جو اعتراف ڪري ورتو

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ڪوويڊ 19 جي ڪري عالمي منڊين ۾ روز مرهه جي استعمال جون شيون خاص ڪري کاڄرو تيل، کنڊ، چانهه ۽ اٽي جي اگهه ۾واڌ ٿي آهي. مقامي واهپيدارن تي ان جا اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومت رمضان سهولت ۽ سستا بازار ۽ يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي نيٽ ورڪ جي ذريعي شهرين کي ضرورت جي بنيادي شين جي فراهمي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ گذريل هفتي دوران روز مرهه جي استعمال جي شين خاص ڪري اٽي، کاڄرو تيل، گيهه، دالين ۽ ڪڪڙ جي گوشت جي اگهن جو جائزو ورتو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔