پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 78 ڄڻا فوت

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 78 ڄڻا وائرس سبب فوت ٿي ويا. پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 37756 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 3447 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 78 ڄڻا فوت ٿي ويا. سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 9.12 سيڪڙو رهي. اين سي او سي جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورنوا سبب فوتگين جو انگ 18993 ٿي چڪو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 61473 تائين پهچي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔