ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري وڌيڪ هڪ سئو تيرهن ڄڻا فوت

اسلام آباد:گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ مان 113 ڄڻا ڪورونا وگهي فوتگيون رپورت ٿيون

اين سي او سي پاران جاري انگن اکرن موجب پوري ملڪ ۾  گذريل 24 ڪلاڪن دوران 113 فوتگيون ٿيون جڏهن ته 3 هزار 84 نوان ڪيس ظاهر ٿيا.

انگن اکرن موجب هن مهل تائين پوري ملڪ ۾ 9 هزار کان وڌيڪ فوتگيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته هن وقت تائين جن مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي انهن جو انگ 13 آهي.

ملڪ ۾ گذريل ڏينهن 38 هزار 883 ٽيسٽ ڪيا ويا جيڪي موجوده وبا جي تناظر ۾ گهٽ ٻڌايا پيا وڃن، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 78 هزار 959 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔