بلوچستان ۾ ڪورونا جي پکيڙ ۾ واڌ، ڪوئٽه ۾ شرح ٽيويهه سيڪڙو کان وڌي وئي

ڪوئٽه: بلوچستان ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي پکيڙ جي شرح وڌي 20.4 سيڪڙو ٿي وئي. جڏهن ته ڪوئٽه ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي شرح 23.7 تائين پهچي وئي آهي.بلوچستان جي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب اڱاري تي صوبي ۾ 695 سيڪڙو جا ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ ڪوئٽه کان 118، خضدار مان 19، لسبيله، جعفر آباد، قلعه عبدالله، قلات ۽ نصيرآباد مان هڪ هڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيو.اختيارين موجب صوبي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جي شرح 20.3 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. جڏهن ته ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙن جو گڏيل انگ 21 هزار 945 ٿي ويو آهي ۽ صوبي ۾ فعال ڪورونا ڪيسز جو انگ وڌي 1249 تائين پهچي ويو آهي. رپورٽ موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ۾ مبتلا 144 مريضن جي صحتياب ٿيڻ کان پوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 20 هزار 464 ٿي ويو آهي.صوبي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 233 آهي. صوبائي صحت کاتي موجب ڪوئٽه ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي سڃاڻپ جي لاءِ 497 ٽيسٽ ڪيا ويا. ان دوران ڪورونا جا 118 مريض سامهون ايا.شهر ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 23.7 سيڪڙو رهي. رپورٽ موجب صوبي جي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جا 111 ٽيسٽ ٿيا جن مان 11 شاگردن جا ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔