ڪورونا بابت ٽوئٽس هٽائڻ جي درخواست تي ڀارتي حڪومت مٿان سخت تنقيد

نئين دهلي: ڀارتي حڪومت طرفان سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تان ملڪ ۾ ڪورونا وائرس بابت حڪومت جي خلاف تنقيد تي ٻڌل ٽوئٽس کي هٽائڻ جي درخواست تي شهرين سخت تنقيد ڪئي آهي.ٽوئٽر جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته ڀارت ۾ صارفين ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت ڪجهه مواد نٿا ڏسي سگهن. برطانوي خابرو اداري بي بي سي موجب ڀارت ۾ ڪورونا وائرس ۾ روزاني اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ڪيترين ئي اسپتالن ۾ آڪسيجن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جنهن سبب فوتگين ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. هڪ ٽوئٽر صارف حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت جي لاءِ آڪسيجن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ کان وڌيڪ ٽوئٽس هٽائڻ آسان آهي. ڀارت ۾ سومر ڏينهن 3 لک 52 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا ۽ 2.812 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون.ٽوئٽر ڀارت طرفان ٽوئٽس کي سينسر ڪرڻ جي حوالي سان عالمي حڪومتن جي حڪمن بابت لومين نالي هڪ ڊيٽابيس تي انڪشاف ڪيو آهي. هن ڀارت ۾ ڪجهه مواد تائين صارفين جي پهچ روڪي ڇڏي آهي. ٽوئٽر اهو واضح نه ڪيو آهي ته ان ڪهڙو مواد هٽائي ڇڏيو آهي پر ميڊيا رپورٽن موجب ان ۾ مغربي بنگال ۾ هڪ سياستدان جو هڪ ٽوئٽ به شامل آهي جنهن ۾ هن وزيراعظم نريندر مودي کي ڪورونا وگهي ٿيندڙ فوتگين جو سڌو سنئون ذميوار قرار ڏنو آهي.هن ٽوئٽس ۾ هڪ اداڪار جي ٽوئٽ به شامل هئي جنهن ۾ هن مودي کي سياسي ريليون منعقد ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بنايو هو. ٽوئٽر چيو آهي ته جڏهن اسان کي ڀارت طرفان انفارميشن ٽيڪنالاجي ايڪٽ 2000 جي حوالي سان درخواست ملي ته ان مواد جو جائزو ورتو ۽ اسان ڪجهه مواد تائين ڀارت ۾ پهچ روڪي ڇڏي آهي.ٽوئٽر جي ترجمان هڪ اي ميل جي ذريعي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جڏهن اسان کي ڪا قانوني درخواست ملندي آهي ته اسان ٽوئٽر جي قائدن ۽ مقامي قانون ٻنهي جي تحت ان جو جائزو وٺندا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن مواد ٽوئٽر جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي ته مواد کي سروس تان هٽايو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔