عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون اگهن ۾ گهٽتائي

ڪراچي: پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 700 ۽ 10 گرام جي قيمت ۾ 600 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 15 ڊالر جي گهٽتائي سان 1765 ڊالر جي سطح تي پهچڻ جي ڪري مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ به اڱاري (اڄ) به في تولي سون ۽ في 10 گرام سون جي قيمت ۾ ترتيبوار 700 رپيا ۽ 600 رپيا گهٽتائي ٿي آهي.
جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت گهٽجي 103900 رپيا ۽ في 10 گرام سون جو اگهه گهٽجي 89078 رپيا ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔