ڪورونا باوجود پاڪستان جي معيشت بحال ٿي رهي آهي: اي ڊي بي

ايشيائي ترقياتي بئنڪ آئوٽ لڪ 2021 جاري ڪري ڇڏيو.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب هلندڙ سال پاڪستان جي معاشي اوسر جي شرح 2 سيڪڙو تائين رهڻ جي اميد آهي ۽ ايندڙ سال پاڪستان جي جي ڊي پي 4 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.
اي ڊي بي چيو آهي ته ڪورونا وائرس باوجود پاڪستان جي معيشت بحال ٿي رهي آهي، 2021 ۾ صنعتن جي پيداوار ۾ واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته مينوفيڪچرنگ ۽ تعميراتي شعبي ۾ چاڙهه نظر اچي رهي آهي، ريٽيل ۽ ٽريڊ شعبي جي بحالي سان سروسز سيڪٽر ۾ ترقي ٿي رهي آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب ڪپهه جي پيداوار ۽ زرعي شعبي جي پيداوار ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، 2021 ۾ مهانگائي جي شرح 8.7 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.
اي ڊي بي چيو آهي ته نوجوانن کي روزگار جي فراهمي لاءِ ايس ايم ايز کي سپورٽ ڪيو وڃي، پاڪستان ڪورونا وائرس تي ضابطي لاءِ ويڪسيشن جو عمل مڪمل ڪري، جڏهن ته پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔