شام ۾ روسي جهازن جي بمباري، ٻه سئو ڄڻا مارجي ويا

دمشق: پرڏيهي خابرو اداري موجب شام جي شهر پالميرا ۾ روسي جهازن جي بمباري جي نتيجي ۾ 200 ڄڻا مارجي ويا آهن. روس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هوائي حملي ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ ٻه سئو کن دهشگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته 24 گاڌيون ۽ 200 ڪلو جي ويجهو ڌماڪو ڪندڙ مواد کي به تباهه ڪيو ويو آهي.
روس موجب حملي واري جاءِ تان دهشتگرد شام جي مختلف شهرن ۾ حملن جي منصوبابندي ڪندا هئا ۽ هٿيارن سميت ٻيو بارودي مواد ٺاهيو ويندو هو، ايندڙ صدارتي چونڊن کان اڳ شام ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي منصوبابندي هتان پئي ڪئي وئي.
ٻئي طرف شام ۾ برطانوي انساني حقن جي تنظيم موجب روسي هوائي جهازن 220 جي ويجهو حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ صرف 26 دهشتگرد مارجي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔