ماءُ جي لاءِ سلمان خان جي مدد تي راکي سانوت سجدي ۾ ڪري پئي

ممبئي: ڀارت جي تڪراري ۽ بالي ووڊ اداڪاره راکي سانوت والده جي ڪامياب ڪينسر سرجري ٿيڻ سبب سلمان خان جو شڪريو ادا ڪندي سجدي ۾ ڪري پئي.
سوشل ميڊيا تي راکي جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ ٻڌائي رهي آهي ته سندس والده جو آپريشن ٿي ويو آهي ۽ ڊاڪٽرن ان جي جسم مان ٽيومر ڪڍي ڇڏيو آهي.
راکي موجب ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن کيس وقت تي اسپتال نه آندو وڃي ها ته بچڻ مشڪل هو.
راکي سانوت جو چوڻ هو ته سلمان ڀائي سندس والده جي آپريشن لاءِ ڀارت جي وڏن ڊاڪٽرن ۽ ڪينسر اسپشلسٽ ڏنا جنهن تي آئون سندس تمام گهڻي ٿورائتي آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔