ڪو به ملڪ ”بيلٽ اينڊ روڊ“ منصوبي ۾ شامل ٿي سگهي ٿو:چيني صدر

بيجنگ: چيني صدر شي جن پنگ اڄ صوبي هائي نان جي ڳوٺ هو آئو ۾ منعقد ”بو آئو ايشيائي فورم جي 2021 جي سالياني اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چين ايشيا سان گڏجي اڳتي وڌي رهيو آهي.
هن جي تقرير جو عنوان هو ”هڪ ئي ٻيڙي ۾ سوار ٿي مشڪلاتن کي ختم ڪيو ۽ گڏيل نصيب جي مستقبل لاءِ ڪوشش ڪيو.
شي جن پنگ چيو آهي ته 20 سالن ۾ ايشيائي ملڪن علائقائي اقتصادي يڪجهتي ۽ اقتصادي ۽ سماجي ترقي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي جنهن ڪري ايشيا، عالمي معيشت ۾ سڀني کان لچڪدار ۽ اضافي جي صلاحيت وارو علائقو بڻجي چڪو آهي.
چيني صدر چيو ته دي بيلٽ اينڊ روڊ هڪ اهڙو روشن رستو آهي جنهن تي ماڻهو گڏجي هلي رهيا آهن، جيڪو به ملڪ ان ۾ دلچسپي رکي ٿو اهو شامل ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته 2030 تائين ”دي بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏيل تعمير سان دنيا جا 76 لک ماڻهو انتهائي غربت، جڏهن ته وڌيڪ 3 ڪروڙ 20 لک ماڻهو وچولي غربت مان نڪري سگهندا.
شي جن پنگ وڌيڪ چيو ته اسان ٻين سان ملي دي بيلٽ روڊ کي غربت جي خاتمي ۽ ترقي جو رستو ٺاهينداسين ۽ انسان ذات جي گڏيل خوشحالي لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔