ڪورونا وائرس: مانسهره جي هزارا يونيورسٽي کي بند ڪيو ويو

مانسهره: ڪورونا جي وڌندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي هزاره يونيورسٽي مانسهره کي به 11 اپريل تائين بند ڪيو ويو آهي پر بٽگرام ڪيمپس ۾ ڪلاسون لاڳيتو جاري رهنديون.هزاره يونيورسٽي جي رجسٽرار آفيس مان جاري بيان موجب يونيورستي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ايندڙ 7 ڏينهن تائين آن لائن ڪلاسز وٺندا. جڏهن ته اسٽاف کي ان دوران ڪورونا ايس او پيز تحت پنهنجي آفيسن ۾ ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.يونيورسٽي جي بندش سبب سموريون هاسٽلون به خالي ڪرايون ويون آهن پر پرڏيهي ۽ پري وارن علائقن جي شاگردن تي ووسٽ جي اجازت سان هاستل ۾ ترسي سگهندا. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته يونيورسٽي جي بٽگرام ڪيمپس ۾ ڪلاسون لاڳيتو جاري رهنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔