ايل جي اسمارٽ فون جو ڪاروبار بند ڪرڻ جو فيصلو ڇو ڪيو؟

ڪوريا: ايل جي جو اسمارٽ فون پسند ڪندڙن جي خراب خبر آهي. ڇو ته ڏکڻ ڪوريائي ڪمپني ايل جي اليڪٽرانڪس اسمارٽ فونز جي تياري ۽ وڪرو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ايل جي اعلان ڪيو آهي ته هو 31 جولاءِ کان پوءِ اسمارٽ فونز جي تياري ۽ وڪرو بند ڪري ڇڏيندي ۽ ان سان گڏ ئي ايل جي اسمارٽ فون مارڪيٽ مان هٿ کڻندڙ پهرين اسمارٽ فون ڪمپني بڻجي وئي آهي. ايل جي پاران جاري ڪيل بيان موجب ڪمپني جي موبائيل ڊويزن کي گذريل 8 سالن ۾ ساڍا 4 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. جنهن کان پوءِ هاڻ هو برقي گاڏين جا اوزار ۽ اسمارٽ گهرن تي ڌيان ڏيندي.ياد رهي ته 2013 ۾ ايل جي ڪمپني سام سنگ ۽ ايپل کان پوءِ دنيا ۾ ٽئين سڀني کان وڏا اسمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني هئي پر بعد ۾ ايل جي جي فليگ شپ ماڊلز سافٽ ويئر ۽ هارڊ ويئر جي مسئلن کي سامهون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو جنهن جو تجزيو ڪندڙن جي ويجهو بنيادي سبب ماهرن جي کوٽ هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔