مڙس سان بي وفائي ڪندڙ عورت کي عدالت وڏي سزا ٻڌائي ڇڏي

ابو ظهبي :گڏيل عرب امارتن ۾ مڙس سان بي وفائي ڪندڙ عورت ۽ سندس دوست کي عدالت ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب راس الخيمه رياست جي هڪ عدالت ۾ مڙس پنهنجي زال ۽ ان جي دوست خلاف درخواست ڏني هئي.
ان شخص جي گهرواري جهيڙي کانپوءِ گهر ڇڏي هلي وئي هئي ۽ هڪ ٻئي گهر ۾ رهڻ لڳي هئي، جنهن کانپوءِ مڙس کي شڪ ٿيو ته هن جا ڪنهن ٻئي مرد سان ناجائز لاڳاپا آهن، پوءِ هن زال جي نگراني شروع ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب نگراني ڪرڻ تي مڙس جو شڪ درست ثابت ٿيو ۽ هن پنهنجي گهرواري کي هڪ غير مرد سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسي ورتو پر هن پنهنجي گهرواري ۽ سندس دوست سان وڙهڻ بدران پوليس کان مدد گهري.
پوليس عورت ۽ سندس دوست کي موقعي تي پڪڙي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي عورت ۽ سندس دوست ٻنهي کي 5-5 هزار درهم (تقريبن 2 لک 8 هزار رپيا) ڏنڊ ڀري ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو پر عورت جو مڙس ان تي راضي نه ٿيو ۽ هن اعليٰ عدالت سان رابطو ڪري ورتو.
پوءِ اعليٰ عدالت عورت ۽ ان جي دوست کي حڪم ڏنو ته اهي ٻئي درخواست ڏيندڙ کي 15-15 هزار درجم ادا ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔