اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري، ڪورونا وبا وگهي گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 103 ماڻهو فوت ٿي ويا، ملڪ ۾وائرس سبب فوتين جو ٽوٽل انگ 14 هزار 924 ٿي ويو ، ملڪ ۾ وائرس جا 3 هزار 653 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ڪورونا متاثرن جو ٽوٽل تعداد 6 لک ،96 هزار 184 ٿي ويو ،6 لک ،18 هزار 158 مريض وبا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا.