ڪورونا جي پکيڙ امڪاني طور تي جانورن مان ٿي آهي: ڊبليو ايڇ او

نيويارڪ: صحت واري عالمي اداري چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ امڪاني طور تي جانورن مان ٿي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب صحت واري عالمي اداري ڊبليو ايڇ او چين جي ڪورونا وائرس جي شروعات بابت هڪ گڏيل تحقيق ۾ ٻڌايو آهي ته وائرس جي چمڙن مان انسان ۾ منتقلي امڪاني طور تي ٻين جانورن جي ذريعي ٿي سگهي ٿي ۽ ان ڳالهه جو وڌيڪ امڪان آهي ته هي وائرس ڪنهن ليب مان ناهي پکڙيو.رپورٽ ۾ محققن 4 امڪان بيان ڪيا آهن جنهن سبب سارس 2 نمودار ٿيو. هن لسٽ ۾ سڀني کان پهرين لکيل آهي ته وائرس ڪنهن ٻئي جانور ۾ منتقل ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وائرس جو چمڙن مان انسانن ۾ منتقل ٿيڻ ممڪن آهي ۽ ڪولڊ چين، کائڻ جي شين مان به ان جي منتقلي ممڪن آهي پر ان جا امڪان گهٽ آهن. وائرس جي ويجهي قسم جنهن سبب ڪورونا وائرس پيدا ٿيو چمڙن ۾ ملي آهي.اندازي موجب چمڙن ۾ پيدا ٿيندڙ وائرس ۽ سارس 2 جي وچ ۾ ويجهڙائي وارو فاصلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آهي. هن جهڙو وائرس پنگولين ۾ به ملندو آهي ۽ ٻلين کي به ڪورونا وائرس ٿي سگهي ٿو جنهن جو مطلب آهي ته وائرس جي منتقلي ان جانورن مان به ممڪن آهي. رپورٽ موجب هن تحقيق ۾ ڏنل نتيجا امڪاني هئا ۽ هاڻ به ڪيترن ئي سوالن جا جواب نه مليا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔