پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جا امڪان

اسلام آباد: اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي واري سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.
موڪليل سمري ۾ پهرين اپريل کان پيٽرول ڏيڍ رپيو في ليٽر تائين سستو ٿيڻ جا امڪان آهن. ان کان سواءِ ڊيزل جي قيمت به اڍائي رپيا في ليٽر جي گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.
ٻئي پاسي جيڪڏهن حڪومت ليوي وڌائي ڇڏي ته قيمتون برهرار به رهي سگهن ٿيون. هن وقت في ليٽر پيٽرول تي 11 رپيا 23 پيسا پيٽروليم ليوي لاڳو آهي جڏهن ته ڊيزل تي في ليٽر 12 رپيا 74 پيسا پيٽروليم ليوي وصول ڪئي پئي وڃي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦيرڦار جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزير اعظم جي مشاورت سان ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔