ڪراچي ۾ اڄ کان سال جو پهريون هيٽ ويو الرٽ جاري

ڪراچي: موسميات کاتي ڪراچي جي لاءِ پهريون هيٽ ويو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ گرمي جي شدت برقرار آهي.

سامونڊي هوائون بند آهن. جڏهن ته بلوچستان جون گرم ۽ خشڪ هوائون شهر ۾ داخل ٿي رهيون آهن. موسميات کاتي هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ڏينهن ۾ گرمي جي شدت 39 کان 41 ڊگري سينٽي گريد رهڻ جو امڪان آهي. گرمي جي شدت 3 اپريل هفتي تائين جاري رهي سگهي ٿي.

موسميات کاتي هدايت ڪئي آهي ته شهري گرمي کان بچڻ جي لاءِ پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪن. ڏينهن جو 11 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين احتياط ڪن ۽ ان دوران سج جي شعائن کان بچڻ جي ڪوشش ڪن.

ان کان  علاوه اڄ ڪراچي جي فضا به صحت لاءِ نقصان ڏيندڙ آهن ۽ ڏيڍ مهيني کان پوءِ فضائون آلوده رڪارڊ ٿيون. ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ ڪراچي چوٿين نمبر تي رهيو. آلوده ذرات جي مقدار 163 پرٽيڪيوليٽ ميٽرز رڪارڊ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔