ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي انتظاميه ڪريڪ ڊائون ڪندي پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس کي 4 ڏينهن جي لاءِ بند جڏهن ته 6 هوٽلن، 7 ريسٽورينٽ ۽ 11 دڪانون سيل ڪري 13 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

لاهور ۾ به بازارون شام 6  وڳي بند ڪرايون ويون. حڪومتي هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خلاف انارڪلي بازار ۾ ڪارروائي ڪندي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ٻئي طرف ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي گوجرانوالا ۾  خانگي بينڪ کي سيل ڪيو ويو. جڏهن ته فيصل آباد ۾ ريسٽورينٽ، فوڊ پوائنٽس ۽ بيڪرين سميت 11 فوڊ پوائنٽن کي هڪ  لک 20 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.

فيصل آباد ۾ ڪارروائي دوران پوليس 6 هوٽلون ۽ 11 دڪانن کي به سيل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته اوڪاڙه ۾ شادي هال تي ڇاپي دوران مالڪ ۽ مئنيجر جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف خيبرپختونخواهه ۾ اڄ کان شادي جي تقريبن تي پابندي هوندي. جڏهن ته ڪوئٽه ۾ عوامي اجتماعن تي پابندي لاڳو ڪندي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔