کنڊ اسڪينڊل: تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس پٽ خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد: کنڊ اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس پٽ تي ڪيس داخل ڪيو  ويو آهي.

ايف آءِ اي جهانگير ترين ۽ علي ترين تي اڳ به ڪيس داخل ڪري چڪو آهي. ايف آءِ اي سوا 3 ارب روپين جي مالياتي فراڊ تي جهانگير ترين ۽ فيملي جي ٻين ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو.

جهانگير ترين  پنهنجي ناٺي جي ڪاغذ ٺاهيندڙ بند فيڪٽري ۾ جي ڊي ڊبليو ڪمپني کان سوا 3 ارب منتقل ڪيا. بند فيڪٽري ۾ منتقل ٿيندڙ رقم ڪجهه فيملي ميمبرن جي اڪائونٽن ۾ به منتقل ٿي. جهانگير ترين جو ناٺي گودي جي وڻ مان پيپر ٺاهيندو هو. هو جهانگير ترين جي فيڪٽري ۾ 26 سيڪڙو پبلڪ شيئر هولڊر آهي. 

ايف آءِ اي جهانگير ترين جي رائٽ بينڊ اڳوڻي سيڪريٽري زراعت رانا نسيم جي خلاف به ڪيس داخل ڪيو. ذريعن موجب رانا نسيم گتي جي خريداري ۾ غبن ڪندو هو. رانا نسيم بطور چيف فنانشنل آفيسر جهانگير ترين جي ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔